ڏوگر ڊوگر

ڏوگر/ ڊوگر: پنجاب ۽ ڪشمير ۾ هن ذات وارن کي ’ڊوگر‘ ۽ سنڌ ۾ ’ڏوگر‘ سڏيو وڃي ٿو. ڏوگر، گهڻي ڀاڱي مسلمان آهن. ڏوگر، چوهاڻ راجپوت ۽ پنهوار راجپوتن مان آهن، ڪي جت به سڏجن ٿا. پنجاب ۾ ڏوگرن جا خاص پاڙا، تگرا، ٽوپوارا، پڙجت، چوپورا، چوڪرا، چينا، ماهو ۽ مٽر آهن. ڊوگر، هندستان جي هماچل پرديش ۽ پنجاب ۾ به رهن ٿا، جن جو ذڪر پلوميءَ به ڪيو آهي، جيڪو سڪندراعظم سان 325 ق. م ۾ گڏجي آيو هو. هو ڄاڻائي ٿو ته هي بهادر ماڻهو شيوالڪ جبلن جي جابلو سلسلي ۾ رهن ٿا. امير خسرو هن قبيلي لاءِ لکيو آهت ڏوگر اصل ۾ راجسٿاني يا سنڌي لفظ ڏونگر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ ’جبل‘ آهي. هي جابلو علائقي جا رهاڪو آهن. پاڪستان جي مشهور ۽ ناليواري ڪلاسيڪي ڳائڻي ملڪه پکراج ۽ اڳوڻو چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر به هن قبيلي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ ۾ ڏوگر، نوابشاهه، خيرپور ميرس ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رهن ٿا. ڪتاب ’تواريخ ڊيرا غازي خان‘ ۾ لکيل آهي ته ’ڏوگر‘ جت آهن، جن کي ڊوگر به چون ٿا. هنن جو وڏو ڄام ڏوگر هو، جنهن جي نالي پٺيان هي ’ڏوگر‘ سڏجن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو